Laric Lela Chanesar Poetry Of Shah Abdul Latif Bhittai.

Laric Lela Chanesar Poetry Of Shah Abdul Latif Bhittai.


Today I am going to explain beauty in Latif's poetry. My English language is too week. But I have explained it in Sindhi language. 

اڄ لطيف جي بيتن ۾ سمايل حسن و جمال کي ڏسون ٿا.

 

آءُ، لانگوٽِيا لالَ! ڪَنهِن پَرِ ڏِٺِيءَ گُجَرِيُون،
آبَ اَرِتو اَکِين، لُڙڪَ وَهائين لالَ،
ڏِٺَءِ جي جَمالَ، سامِي! ڪُهَ نَہ سليَين؟

معني
لانگوٽيا= لانگوٽو پهريندڙ جوڳي
پر= طرح
گجريون= گجر قوم جون ڪنواريون سندريون
آب ارتو= رت ڳاڏئان وهندڙ ڳوڙھا
جمال= سھڻايون يا نزاڪتون
ڪه= ڇو نه
سلين= ٻڌائين

وس آهر سمجھاڻي:
اچ اي لانگوٽي پهريندڙ جوڳي! تون انهن گجرين گجر ذات جي سوڍين کي ڪهڙي طرح ڏٺيون؟ تون اکين مان رت گاڏئان ڳوڙھا پيو ڳاڙين. اي سامي! تو جيڪي حسن جا جلوه ڏٺا تن جو احوال ڇو نٿو ٻڌائين؟
انهي ۾ ڪو شق ناهي ته ڀٽائي سھڻو ۽ حسين دل جو مالڪ هو. هن حسن جي ميدان ۾ ڪيترن ئي شھزادن کي هار کائيندي ڏٺو، جن ۾ ڪيئي پنڊت ۽ پير به شامل هئا. مرشد سائين اهڙن پيرن مرشدن جون به ڪاڪ ڪناري قبرون ڏٺيون هيون جيڪي مختلف رياستن يا قومن جا سردار هئا. جن جي مٿي تي تاج به پيل هئا. ان هوندي به مرشد سائين حسن جي قتل گاھ ۾ جوڳي کي اهميت ڏئي ٿو. شايد انهي ڪري جو جوڳي سهپ ۽ ڌيرج وارو انسان ٿو ڏسجي جيڪو پنهنجي مڻيا سڀ ڪجھ لٽائي وري به زنده بچي نڪتو هو. هن عشق جي واردات ۾ مزو تڏهن ٿو اچي جڏهن ڪاڪ ندي جي وهندڙ رتول پاڻي مان بولاٽيون کائي ٻاهر نڪرندڙ جوڳي کان مٿيون بيت ڏئي سوال ڪيو پر عشق جي ميدان ۾ سڀ ڪجھ فنا ڪندڙ جوڳي مرشد سائين کي ڪجھ نه ٻڌائي سگهيو لطيف ته حسين ۽ جميل دل جو مالڪ جيڪو جوڳي جو سڄو حال پرکي ڇڏيو هو پر اسان کي اڃان تائين سمجھ ۾ نه آيو آهي ته اهو جوڳي ڪاڪ محل ۾ ڪنئارين حسينائين جي هٿان لٽيل تصوف جو پانڌيئڙو هو يا ڪو اڄوڪي سنڌ جي وڏيرن جيان عياش پرست. ڪاڪ محل يقنن حسينن جو محل هو ڪو لاهوت لامڪان نه هو جو جتي جوڳي جوڳ ياترا لاءِ ويندا هئا پر جيئن ته مومل جي سموري ٽڪ ساٺ جي ڳالھ لطيف سائين اهڙي ته دلڪش پيرائي ۾ ڪئي آهي جو مجازي محبت جي بجاءِ حقيقي عشق جو گمان پيو گذري.
اڄ ته جوڳي کي اڃان حسن جي جلون جا خمار آهن پر انتظار ڪجو سڀاڻي جو ڇو جو سڀاڻي تائين فقير هوش ۾ اچي ويندو ۽ توهان سڀني عاشقن کي ڪاڪ محل جي ڪنوارين جو حسن ۽ قهر ٻڌائيندو. مهرباني پيارا

How do you rate this article?

1


SKJ CryptoWorld
SKJ CryptoWorld

I am Serwan Kumar Jaipal Meghwar from Sindh Pakistan .


Serwan Kumar Jaipal
Serwan Kumar Jaipal

I will write articles about crypto, online earnings and will write articles about poetry. Written in Sindhi language.

Publish0x

Send a $0.01 microtip in crypto to the author, and earn yourself as you read!

20% to author / 80% to me.
We pay the tips from our rewards pool.